ڄرڪو (Wallago Attu)

ڄرڪو (Wallago Attu)

ڄرڪو (Wallago Attu)

ڄرڪو (Wallago Attu): تازي پاڻيءَ ۾ رهندڙ هيءَ مڇي سنڌ ۾ سڀني ڍنڍن، ڍورن، واهن، شاخن ۽ درياهه ۾ ملي ٿي. هن جي منڍي وڏي چپيل ۽ ويڪري ٿئي ٿي، جسم ڊگهو ۽ مضبوط ٿيندو اٿس، منڍي جسم جي ڪل ڊگهائيءَ جو 20 سيڪڙو ٿئي ٿي. منڍيءَ ۾ وات وٽ ٻه جوڙ وارن جا ٿين ٿا. منڍي جي ٻنهي طرفن کان اکيون نڪتل، جسم تي ڇلر ڪو نه ٿينس. سندس جسم ٻنهيپاسي چپيل، مٿي ٿلهيرو جيئن پوءِ تيئن هيٺ سنهو ٿيندو ويندو آهي ۽ جسم جو رنگ سليٽي، پيٽ سفيد رنگ جو اٿس، مٿيون کنڀڙو ننڍڙو، جڏهن ته هيٺيان کنڀڙا پڇ کان انچ ڏيڍ ڇڏي مقعدي کنڀڙي تائين لاڳيتا قطار ۾ هوندا اٿس، جن کي پيٽاوان کنڀڙا به چوندا آهن، هي کنڀڙا هڪ جيترا هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هوندا آهن، مقعدي کنڀڙو ننڍڙو ٿيندو اٿس، پڇ ٻه ڇانگهو ۽ سندس بت جي نسبت ننڍو ٿيندو آهي، جيڪو کيس ترڻ ۾ مدد ڪندو آهي، ڪنهڙ وٽان به کاٻي ساڄي کنڀڙا ٿيندا اٿس، مٿين کنڀڙي جي سامهون هيٺ پيٽ ۾ وڏي گجي ٿئيس، هن ۾ پنهنجي قدبت جيتريون شيون به ڳڙڪائي سگهي ٿو. هيءُ سنڌ ۽ پنجاب جي ميداني علائقن وارين ڍنڍن ڍورن ۾ عام جام ٿئي. وزن ۾ 6 ڪلو کان مڻ سوا مڻ تائين به ٿئي ٿو. هن کي مڇين جي فارمن ۾ پاليو نه ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته هيءَ گوشت خور مڇي آهي، ننڍي مڇي ۽ ٻيا جيت جڻيا سندس کاڄ هوندا آهن. وات وڏو ٿيندو اٿس، ٻن ڄاڙين ۾ چوڌاري ننڍا ننڍا ڏند وريل هوندا اٿس. ان لاءِ چڪ هڻڻ ۾ به دير نه ڪندو آهي ۽ هيءَ مڇي شڪار کي آساني سان ڳڙڪائي سگهي ٿي. ڏيڏر، نانگ ۽ ٻيا زهريلا جيت پڻ کائيندو آهي، وڍڻ مهل به ننڍيون مڇيون ۽ ڏيڏر سندس پيٽ مان نڪرندا آهن، جنهن ڪري سنڌ ۾ گهٽ کاڌو وڃو ٿو. جڏهن ته پنجاب ۽ اترين علائقن ۾ هيءُ مشهور ۽ مهانگي مڇي آهي، جو هن جو ڪنڊو وڏو ۽ گوشت پڪو ٿئي ٿو. سنڌ کان سواءِ هندستان، سريلنڪا، نيپال، بنگلاديش، ميانمار، ٿائلينڊ، ويٽنام ڪمبوديا، انڊونيشيا ۽ الائونس ۾ به هيءَ مڇي ڏٺي وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو